رانديون

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون کي لڳو ته ٽيم منهنجي ڪري هارائي رهي آهي ته پاڻ ئي ڪپتاني ڇڏي ڏيندس. ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته نيوزيلينڊ خلاف سيريز دوران ٻئي ٽيسٽ ميچون پنهنجي غلطين سبب هارايون، سيريز هارائڻ واري نه هئي پر غلطين مان سبق سکي اڳتي بهت نتيجن جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن رزلٽ نه ڏيندس ته مون کي ڪو به نه رکندو، جڏهن مان پاڻ به محسوس ته ٽيم منهنجي ڪري هارائي رهي آهي ته اڳواڻي ڇڏي ڏيندس. سندس چوڻ هو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز سولي نه هوندي، سڀ کان اهم اهو آهي ته اتي ٽيم وڏي دل سان هاڪاري راند کيڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close