پاڪستاننڪور خبرون

حڪومت جي هني مون جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن، هاڻي ڪارڪردگي ڏيکارڻو پوندي: سراج الحق

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته حڪومت جي هني مون جا ڏينهن ختم ٿي ويا آهن، هاڻي ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو.  لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته حڪومت جيترا اعلان ڪيا پنهنجي عمل مان ثابت ڪيو ته هر اعلان رڳو اعلان آهي پر هاڻي اعلانن بدران ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي. هن چيو ته وزيرن پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي رهيا آهن، حڪومت اها ئي فتويٰ ۽ فلسفو ڏنو ته يوٽرن وٺڻ ئي فلسفو آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت پاڻ اعلان ڪيو ته هنن لاءِ مديني جي ماڊل رياست آهي،  حڪومت ٻڌائي چئن مهينن ۾ مديني جي رياست طرفان ڪهڙو قدم کنيو ويو،  حڪمران چين وڃن ٿا ته چون ٿا چين جو ماڊل سٺو آهي، حڪومت کي هڪ ڳالهه تي بيهڻ گهرجي. جماعت اسلامي امير چيو ته ڪراچي ۾ حددخلين جي نالي تي 6 هزار گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، غير آباد هنڌن کي عوام کي ليز تي ڏنو ويو، ماڻهن آباد ڪيا جيڪي اڄ ڊاهيا ويا آهن، گونگا ۽ انڌا بڻجي آپريشن ڪرڻ انصاف ناهي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر ان تي عمل نه ڪيو،  حڪومت اچڻ بعد مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، چڻي جي پليٽ کان هر شيءَ مهانگي ٿي وئي آهي، ڪهڙو سبب آهي جو نارمل صورتحال ۾ هر شيءَ مهانگائي ٿي وئي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close