پاڪستاننڪور خبرون

سنڌ جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي: عمران خان

ڪراچي (رپورٽ: سجاد ميراڻي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، حددخلين خلاف آپريشن ۾ ڪنهن سان زيادتي نه ٿيندي. وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ون ٽو ون ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي اندر سياسي، امن امان جي صورتحال ۽ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم کي گورنر گلستان جوهر ۾ ٿيل ڌماڪي جي تفصيلن، حددخلين خلاف جاري آپريشن، واپارين جي مسئلن ۽ عوام ۾ پکڙيل بيچيني بابت آگاهه ڪيو. عمران خان چيو ته حڪومت صوبي جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪراچي کي ٻيهر معاشي ترقي جي رستي تي آڻينداسين. هن چيو ته وفاق جي سهڪار سان جاري منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، وفاق ۽ صوبي ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏني ويندي، واپارين جا خدشا ۽ مسئلا ختم ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته حددخلين خلاف آپريشن ۾ ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي، تنهن ڪري اسان نظرثاني اپيل داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، حڪومت جو نظريو بي گهر ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ آهي. ان کانپوءِ عمران خان جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان، ترقياتي منصوبن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته امن سان ئي ڪراچي ترقي ماڻي سگهي ٿو، انٽيليجنس ادارن وچ ۾ ڄاڻ جي ڏي وٺ واري نظام کي مضبوط بڻائڻو پوندو، سنڌ ۾ انصاف ۽ بنيادي حقن جي فراهمي پهرين ترجيح آهي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ به وفاق پنهنجو سهڪار جاري رکندو. گورنر هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ واپارين جي وفد پڻ ملاقات ڪئي. جاري ٿيل پڌرائيءَ موجب وفد وزيراعظم کي اسٽاڪ بروڪرز ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ جي معاملن بابت آگاهي ڏني. اسٽارڪ مارڪيٽ وفد وزيراعظم کي مالياتي استحڪام لاءِ تجويزون پيش ڪيون. عمران خان چيو ته حڪومت هڪ مختلف سوچ کڻي آئي آهي، جنهن تحت بزنس ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ۽ تحفظ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو گهڻو پوٽينشل آهي ۽ ٻاهريان سيڙپڪار به پاڪستان ۾ پئسو خرچ ڪري رهيا آهن، مارڪيٽ ۾ استحڪام آڻڻ چاهيون ٿا، توهان وٽ ان ڪري آيو آهيان ته جيئن توهان اسان کي تجويزون ڏيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close