شوبز

شاهد ڪپور ڪينسر ۾ متبلا، خاندان طرفان ترديد

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪار عرفان خان ۽ سونالي باندري کانپوءِ هاڻ ڀارتي فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار اداڪار شاهد ڪپور بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن ته هو معدي جي ڪينسر ۾ متبلا آهي. جب وي ميٽ، قسمت ڪنيڪشن، فدا،  حيدر، اڙتا پنجاب، دل بولي هڙيپا، پدماوت، جهڙين ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ 37 ورهين جي اداڪار شاهد ڪپور بابت ڀارتي ميڊيا ۾ افواهه گردش ڪري رهيا آهن ته شاهد ڪپور( اسٽمڪ ڪينسر) معدي جي ڪنسر ۾ مبتلا آهي ۽ کيس اسٽيج ون ڪينسر جي تشخيص ٿي آهي. ڪالهه ميڊيا ۾ اهي خبرون پڻ گردش ڪري رهيون هيون ته شاهد ڪپور فلم” ڪبير سنگهه “ جي شوٽنگ اڌ ۾ ڇڏي سرجري ڪرائڻ دهلي روانو ٿي ويو آهي اهڙيون خبرون سامهون اچڻ بعد ئي سندس جي ڪينسر ۾ مبتلا هئڻ واري خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي ۽ شاهد ڪپور جا مداح ڳڻتي جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته اداڪار شاهد ڪپور جي گهروارن اهڙين خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ڪيئن اهو سڀ لکي سگهن ٿا؟ آخر ان خبر جو بنياد ڇا آهي؟ اهڙا افواهه پکيڙڻ کي ڪهڙي نموني جائز قرار ڏنو وڃي؟ ٻئي پاسي اداڪار شاهد ڪپور تازو ئي پنهنجي گهرواري ميرا راجپوت سان گڏ هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي جنهن هو ٻئي خوشگوار موسم کي انجوائي ڪندي نظر اچي رهيا آهن ۽ بنهه صحت مند نظر اچي رهيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close