انٽرنيشنل

شاهه سلمان جي سربراهي ۾ نار جي ملڪن جي تنظيم جو سربراهي اجلاس شروع

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ نار جي عرب ملڪن جي تنظيم جي سي سي جي اهم اجلاس شروع ٿي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نار جي عرب ملڪن جي تنظيم GCC جي سربراهي اجلاس جي شروعات سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ اڄ کان رياض ۾ ٿي وئي آهي. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ميمبر ملڪن جي اعليٰ شخصيتون رياض پهچي ويون آهن جڏهن ته سعودي عرب سميت سمورن ميمبر ملڪن جي سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ باوجود سعودي فرمان روا قطر کي به اجلاس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني آهي. انتظاميا طرفان قطر جي اجلاس ۾ شرڪت جي اميد ڪئي پئي وڃي، قطر جي وفاقي وزير جي رياض آمد جا اطلاع آهن جڏهن ته ان ڳالهه جي اڃا تصديق ناهي ٿي سگهي. نار جي عرب ملڪن جي تنظيم جي 39 هين اجلاس ۾ شام ۽ يمن ۾ امن جي بحالي لاءِ اڳڀرائي جي جائزي جي ايجنڊا کي اولين ترجيح تي رکيو ويندو جڏهن ته عراق جي موجودا صورتحال پڻ بحث هيٺ ايندي. جي سي سي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر عبدالطيف الزياني جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نار جي ملڪن جي سياسي، دفاعي، معاشي ۽ سماجي هدف حاصل ڪرڻ نظر وڌي وندي ۽ مستقبل جي رٿابندي ڪئي ويندي.نار جي عرب ملڪن جي تنظيم سعودي عرب، گڏيل عرب رياستن، بحرين، عمان، قطر ۽ ڪويت تي ٻڌل آهي، جنهن جو قيام 1981 ۾ عمل آندو ويو هو،

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close