رانديون

هاڪي ورلڊ ڪپ: هالينڊ جي ٽيم پاڪستان کي 1-5 تان هارائي ڇڏيو

ڀونيشور (اسپورٽس نيوز) هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم گروپ مقابلن ۾ پنهنجي آخري ميچ به هارائي وئي، قومي ٽيم کي هالينڊ هٿان 1-5 تان شڪست ملي. ورلڊ ڪپ ۾ اڄ گروپ ميچن جو آخري ڏينهن هو. ڊچ ٽيم گروپ جون ٽئي ميچون کٽڻ کانپوءِ 6 پوائنٽون حاصل ڪري ورتيون، جڏهن ته گرين شرٽس جي رڳو هڪ پوائنٽ آهي. ايونٽ ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جون ٽيمون هڪ – هڪ پوائنٽ سان برابر آهن پر پاڪستان جي گول ايوريج بهتر آهي. پاڪستان ۽ هالينڊ وچ ۾ ميچ کان اڳ ملائيشيا ۽ جرمني جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ جرمن ٽيم ملائيشيا کي 3-5 تان شڪست ڏني. ان ميچ کان پوءِ جرمني گروپ ڊي ۾ 9 پوائنٽن سان ٽاپ ڪري سڌي ريت ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جڏهن ته ملائيشين ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي. ورلڊ ڪپ ۾ 16 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. گروپ ميچن جي پڄاڻي تي هر گروپ جي ٽاپ ٽيم سڌي ريت ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويندي، جڏهن ته ٻي ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمن کي ڪوارٽر فائنل تائين پهچڻ لاءِ هڪ، هڪ ميچ اڃا کيڏڻي پوندي. پاڪستاني ٽيم کي ڪوارٽر فائنل تائين پهچڻ لاءِ 11 ڊسمبر تي بيلجيئم کي شڪست ڏيڻي پوندي. هاڪي ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ گرين شرٽس جرمني هٿان شڪست جو منهن ڏٺو هو، جڏهن ته پاڪستان جي ٻي ميچ ملائيشيا خلاف هئي، جيڪا هڪ – هڪ گول تان برابر رهي.27

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close