پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ ڪرپشن آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ بدعنواني آهي. بدعنواني جي عالمي ڏينهن تي ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته  بدعنواني سموري انسانيت تي حملو آهي. هن چيو ته  منهنجي سموري ڄمار ڪوشش رهي آهي ته ڪرپشن خلاف متحرڪ رهان. سندس چوڻ هو ته اوڀر پاڪستان جي الڳ ٿيڻ ۾ استحصال گهٽ بدعنواني وڌيڪ هئي، هڪ وقت هو جڏهن ماڻهن ۾ ڄاڻ نه هئي ته ڪرپشن جو سياست ۾ ڪهڙو نقصان آهي. صدر عارف علوي چيو ته قائد اعظم هميشه ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته قوم کي ڪرپشن خلاف متحد ڪرڻ جي هميشه جدوجهد ڪئي. سندس چوڻ هو ته ملڪ سان وفاداري اسان سڀني جو قسم آهي، اسلامي اصولن تي عمل ڪري منزل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر عارف علوي چيو ته نبي ڪريم جي زماني ۾ به قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ۽ ان زماني ۾ قانون ٽوڙڻ تي ڪارروائي ٿي. هن چيو ته بدعنواني بابت شعور اجاگر ڪرڻ ۾ وقت لڳندو،  بدعنواني سموري انسانيت تي حملو آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته ڪرپشن خلاف متحرڪ رهون.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close