رانديون

انوشڪا شرما ڪامياب ڪيريئر جا 10 سال مڪمل ڪري ورتا

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا انوشڪا شرما فلم انڊسٽري ۾ ڪاميابي سان 10 سال مڪمل ڪري ورتا. ڀارتي ميڊياجي رپورٽن موجب انوشڪا شرما فلم انڊسٽري ۾ 10 سال مڪمل ٿيڻ تي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مان سدائين تڪراري ڪردارن جي چونڊ ڪئي ڇاڪاڻ جو اهي منهنجي اندروني حس تحت هوندا آهن ۽ ماڻ اهڙن غير روايتي ڪردارن سبب ئي ڪامياب ٿي آهيان. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مان فلمي صنعت ۾ الڳ مقام تي بيٺي آهيان. انوشڪا شرما جو چوڻ آهي ته منهنجو ان ڳالهه تي يقين آهي ته خوش بختي سدائين بهادرن جو ساٿ ڏيندي آهي پر مان بهادر ناهيان تنهنڪري ڪو به رسڪ وارو ڪم ناهيان ڪندي، مان اهي ڪردار ادا ڪندي آهيان جيڪي مونکي موزون لڳندا آهن ۽ اهي ڪم مان پنهنجي حس ۽ دل تحت ڪندي آهيان جيڪو بنهه سولو عمل آهي. انوشڪا شرما چيو ته اسڪرپٽ ننڍي فلم جو هجي يا وڏي فلم جو، سدائين ڪم کي ڏٺو ويندو آهي ۽ مداح هر فلم ۾ انٽرٽيمنٽ جي ڳولا ڪندا آهن، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو اهو سمجهن هو اسڪرپٽ کان مٿانهان آهن ته اهي تمام وڏي غلطي ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ جو سٺو اسڪرپٽ نه رڳو فلم کي ڪامياب بڻائيندو آهي پر اهو اسڪرپٽ ئي اداڪار کي شهرت جي بلندين تي پهچائيندو آهي. واضح رهي ته انوشڪا شرما بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان سان گڏ فلم رب ني بنادي جوڙي ذريعي ڊيبيو ڪيو هو پر اها فلم کيس اصل شهرت نه ڏئي سگهي جڏهن ته 2010 ۾ ريليز ٿيل فلم بينڊ باجا بارات فلم انوشڪا شرما ۽ رنوير سنگهه کي شهرت جي بلندين تي پهچائڻ جو بنياد ثابت ٿيو جنهن بعد انوشڪا پٺتي نه ڏٺو ۽ ڪاميابي جو منزلو طئي ڪيون، اڄ سندن شمار بالي ووڊ جي پهرين جوڙ اداڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس مشهور فلمن ۾ رب ني بنادي جوڙي، بدماش ڪمپني، بينڊ باجا بارات، پٽيالا هائوس، جب تڪ هي جان، مٽرو ڪي بجلي ڪا من ڊولا، پي ڪي، نائين ايڇ 10، دل ڌڙڪني دو، سلطان، اي دل هي مشڪل، سنجو ۽ ٻيون شامل آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close