رانديون

ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٽاس کٽي ڪاميابي ماڻڻ جو رڪارڊ جوڙي ڇڏيو

ايڊيليڊ(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽائلش بيٽسمين ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ هڪ اعزاز پنهنجي نانءُ ڪري ورتو، 20 ڀيرا ٽاس کٽڻ بعد تمام ميچن ۾ ناقابل شڪست رهيو. تفصيل موجب ڪوهلي ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سنڀالڻ کانپوءِ جڏهن ته ٽاس کٽيو ته ان جي ٽيم شڪست کان محفوظ رهي. ڪوهلي هن وقت تائين گڏيل طور تي 20 ميچن ۾ ٽاس کٽيا جن مان 17 ميچن ۾ ڀرتي ٽيم ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته 3 ميچون ڊرا ٿيون. ڪوهلي دنيا جو پهريون ڪپتان آهي جنهن کي ٽاس کٽڻ کانپوءِ شڪست جو منهن نه ڏسڻو پيو، اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان ڊان بريڊمين ان فهرست ۾ ٻئي نمبر تي آهي، هن 10 ڀيرا ٽاس کٽي جن مان آسٽريلوي ٽيم 9 ڀيرا ڪامياب رهي جڏهن ته هڪ ميچ ڊرا ٿي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close