انٽرنيشنل

2018 جو نوبيل امن انعام عراق جي ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس کٽي ورتو

اوسلو (ويب ڊيسڪ) عراق جي يزيدي عورت ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي هلندڙ سال جو نوبيل امن انعام کٽي ورتو آهي. نوبيل امن انعام جي تقريب ناروي جي تخت گاهه اوسلو ۾ ٿي، جتي ناديا مراد ۽ ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي کي نوبيل امن ايوارڊ سان نوازيو ويو. اوسلو ۾ ٿيل تقريب ۾ ناديا مراد ۽ ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي کي گولڊ ميڊل، ڊپلوما ۽ 10 لک ڊالرن جي انعامي رقم ڏني وئي. 10 لک ڊالرن جي انعامي رقم ايوارڊ کٽيندڙ ٻنهي شخصيتن ۾ ورهائي ويندي. ناديا مراد کي داعش جي غلامي مان فرار ٿيڻ کانپوءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪرڻ تي نوبيل ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي جي جنگ سٽيل ملڪ جمهوريا ڪانگو ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ عورتن جي مدد ڪرڻ تي نوبيل امن انعام سان نوازيو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close