پاڪستاننڪور خبرون

جنهن جي نوڪري ٽي سال هجي ان کي قوم جي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ جو حق ناهي: آصف زرداري

حيدرآباد (رپورٽر) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته قوم جا فيصلا ڪرڻ جو حق رڳو پارليامينٽ وٽ آهي، جنهن جي نوڪري ٽن سالن جي هجي ان کي قوم جي فيصلي ڪرڻ جو ڪهڙو حق پهچي ٿو؟. حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته 9 لک ڪيس عدالتن ۾ ڦاٿل آهن توهان اهو ڪم ڪيو، توهان جو ڪو مستقبل ناهي، شين جي مستقبل جا فيصلا ڇو ٿا ڪيو؟. هن چيو بهتر ٿئي ها ته شفاف چونڊون ٿيڻ ڏيو ها، سياسي جماعتون وڙهي سڙهي اتفاق راءِ سان حڪومت ٺاهين ها، حڪومت سئو ڏينهن کان وڌيڪ گذاري چڪي آهي، اسان سئو ڏينهن ۾ مشرف کي ڪڍي ڇڏيو هو ۽ هاڻوڪي حڪومت چئي ٿي سئو ڏينهن تمام گهٽ آهن، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون، آندل ماڻهو سمجهن ٿا ته اهي سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو وڏي وزير مراد علي شاهه کي چيو آهي ته پاڻي فراهمي لاءِ جديد طريقي ڪار آڻيو ۽ عوام کي مفت پاڻي فراهم ڪيو. آصف زرداري چيو توهان پنهنجي بزنس ۾ ٺيڪ ناهيو ته پوءِ معيشت ڪيئن ترقي ڪندي؟ مقامي سيڙپڪارن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن، اسان کي ٽيڪنالاجي ٻاهران آڻڻ گهرجي ۽ موقعا پنهنجي ماڻهن کي ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته اسان کي حڪومت ڏيو اسان صنعتون هڻي ڏيکارينداسين، پرڏيهي سيڙپڪاري جي ضرورت ناهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close