سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ جي صنعتن ۾ گئس جي ڪا لوڊشيڊنگ نه ٿيندي: پيٽروليم وارو وزير غلام سرور

ڪراچي (رپورٽ: سجاد ميراڻي) پيٽروليم واري وفاقي وزير غلام سرور سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون اڄ رات 8 وڳي کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ پريس صحافين سان ڳالهائيندي غلام سرور چيو ته وزيراعظم گئس بحران تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو، مسئلي جي حل لاءِ مون کي ڪراچي موڪليو، اڄ رات 8 وڳي کان سي اين جي سيڪٽر کي گئس بحال ڪئي ويندي، سي اين جي اسٽيشنون کولرائي مان رات نائين جي اڏام ذريعي واپس موٽي ويندس. هن چيو ته سنڌ جي صنعتن ۾ گئس جي ڪا لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، سڄي ملڪ ۾ گهريلو ۽ ڪمرشل واهپيدارن کي گئس فراهمي پهرين ترجيح آهي، ان کانپوءِ انڊسٽريل سيڪٽر ۽ ايڪسپورٽ سيڪٽر آهي، اها انڊسٽريءَ جو ڦيٿو هلائي ڇڏيو آهي، پنجاب جي صنعتن کي هلائڻ لاءِ ايل اين جي تي منتقل ڪيو، فيصل آباد ۾ سئو کان وڌيڪ صنعتون کولرايون. سندس چوڻ هو ته سوئي سدرن سان گڏ لوڊ مئنيجمينٽ تي نظر رکنداسين، سي اين جي سيڪٽر کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ ۽ گئس جي بندش ۾ گهٽتائي جي به ڪوشش ڪنداسين، ڪيپٽو پاور پلانٽ کي سياري جي ٽن مهينن ۾ 50 سيڪڙو گئس فراهم ڪنداسين، ڪوشش آهي ته اها کوٽ به نه ٿئي پر گئس سپلاءِ پويان کان گهٽ آهي، جتان پنجاهه ايم ايم سي ايف ڊي گئس اچڻي هئي اتان چاليهه ايم ايم سي ايف ڊي گئس اچي رهي آهي. غلام سرور خان چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي گڏجي مسئلي کي حل ڪيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سان به گڏجاڻي ڪئي، اسان ٻين صوبن جيان سنڌ کي به اهميت ڏيڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪراچي کي پوئتي ڏسي رهيو آهيان، هتي ڪچري جا ڍير آهن، سنڌ حڪومت به ڪراچي جا مسئلا حل ڪري، 5 ڀيرا حڪومت ڪندڙن شهر کي ڇا ڏنو؟ انهن کي به ڪراچي جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، شهر ۾ پاڻي جي مسئلي کي حل ڪرڻ گهرجي.27

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close