سنڌ جون خبروننڪور خبرون

سنڌ ۾ گئس بحران سي اين جي اسٽيشنن تي گاڏين جو ڊگيون قطارون، عوام جا مٿي تي هٿ

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گئس جي سنگين بحران سبب ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ستين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي بند آهي، جنهن سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندڙ شهرين کي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. سڄي سنڌ ۾ گئس جي بحران سبب ڪراچيءَ جا شهري متاثر ٿيا آهن. مسلسل ستين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هئڻ سبب وڏيون بسون، مني بسون ۽ رڪشا به روڊن تان غائب آهن جنهن سبب نه رڳو پبلڪ ٽرانسپورٽ تي سفر ڪندڙ پريشان آهن پر سي اين جي اسٽيشنن تي روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ ورڪرن کي پريشانيءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ٻئي طرف سوئي سدرن گئس ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچيءَ ۾ سي اين جي اسٽيشنن کي گئس جي فراهمي بند آهي، گئس فيلڊ مان سپلاءِ بهتر ٿيڻ شروع ٿي آهي، گئس لائن جو پريشر بهتر ٿيڻ سان ئي سي اين جي کولي ڇڏينداسين. سي اين جي ايسوسيئيشن اڳواڻ غياث پراچا چيو ته اميد آهي ته اڄ ڪافي حد تائين حل ٿي ويندو ۽ شام تائين سي اين جي اسٽيشن کوليون وينديون.  ٻئي طرف سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪوٽا ڪاٽي ٻين کي ڇو ڏني وئي، اسان ڀرپور احتجاج ڪنداسين ۽ پنهنجو حق گهرنداسين، پئٽروليم وارو وزير سڀاڻي تائين گئس جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close