پاڪستاننڪور خبرون

سياسي مدد ذريعي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو رستو صاف ڪيو وڃي/پاڪ/چين

ڪابل (مانيٽرنگ) ڪابل ۾ پاڪستان، چين ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزيرن ۾ ٽه ملڪي ڳالهيون دوران افغانستان ۾ امن لاءِ سياسي مدد جي ضرورت تي زور ڀريو ويو آهي، جڏهن ته مفاهمتي يادداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون آهن. ڪابل ۾ پاڪ، چين افغانستان ٽه ملڪي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، چيني پرڏيهي وزير وانگ زي ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزير صلاح الدين رباني شرڪت ڪئي. ٽنهي ملڪن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سياسي مدد ذريعي افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جو رستو صاف ڪيو وڃي. ڳالهين ۾ افغانستان جي ترقي لاءِ پاڪستان ۽ چين طرفان مختلف شعبن ۾ ٽيڪنيڪي مدد جي فراهمي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.  ٽه ڌرين ڳالهين جي پهرين دور جي پڄاڻي تي ٽنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ دهشتگردي جي خاتمي ۽ سڪيورٽي سهڪار وڌائڻ بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته  پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ فوجي حل بدران ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل جو حامي رهيو آهي، هاڻي دنيا سان جي موقف جي حمايت ڪري رهي آهي، اسان ڪابل ۾ جناح ۽ لوگر ۾ اسپتالن جو جلد افتتاح ڪنداسين، ٻئي اسپتالون پاڪستان طرفان افغان عوام لاءِ تحفو آهن.  چين جي پرڏيهي وزير چيو ته ٽئي ملڪ دهشتگرد گروپن خلاف گڏيل جنگ تي متفق آهن. هن چيو ته افغانستان، پاڪستان مسئلن کي پرامن نموني طريقي سان حل ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close