پاڪستاننڪور خبرون

شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جو پيغام سٺو ناهي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ريلوي کي اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهيون،  ريلويز  25 ڪروڙ رپين جي تيل کي محفوظ ڪيو آهي، پنهنجا پئٽرول پمپ ٺاهي هڪ ارب رپيه بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.  لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته  شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جو پيغام سٺو ناهي،  کير جي چوڪيداري تي ٻلو ويهارڻ سان اسان کي ڪا به موٽ نه ملي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف ايماندار آهي ته مسلم ليگ ن ۾ ڪو به ڪرپٽ ناهي، سڌ سماءَ واري وزارت هلائڻ ڪو آسان ڪم ناهي.  سندس چوڻ هو ته 7 سال ڪلاشنڪوف ڪيس ۾ قيد رهيس، منهنجا پراڊڪشن آرڊر ڪنهن جاري نه ڪيا، پارليامينٽ ۾ مون کان وڌيڪ سينئر ڪو به ناهي. شيخ رشيد چيو ته چورن، ڦورن کي اهڙي نموني پيش ڪيو پيو وڃي ڄڻ اهي  مظلوم هجن، ماڻهو بددنياتن جو حساب چاهين ٿا. هن چيو ته عجمران خان چاهي ٿو ته چور ۽ ڌاڙيل جيل ۾ زندگي گذارين، فالودي واري جو ڪيس سامهون اچي ويو ته خبر پئجي ويندي.  سندس چوڻ هو ته شديد ڪوهيڙي سبب راولپنڊي کان لاهور ٽرين هلائڻ جو منصوبو آهي، ڪنٽرول هيڊ روم کي جديد بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،  ريلوي کاتو عوام جي اميدن تي پورو لهندو. شيخ رشيد چيو ته ريلوي انجڻين تي ٽريڪر لڳائڻ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو، فريٽ ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ٽڪيٽ کانسواءِ سفر ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، رحمان بابا ايڪسپريس 23 ڊسمبر تي پشاور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close