شوبز

فلم سمبا جو رومانوي گيت تيري بن نهين لگدا دل ميرا رليز ، پرستارن طرفان ڀرپور موٽ

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ سپر اسٽار رنوير سنگهه جي فلم سمبا جي رومانوي گيت ” تيري بن نهين لگدا دل ميرا “ ريليز ڪيو ويو آهي. فلم سمبا ۾ رنوير سنگهه سان گڏ بالي ووڊ جي ننڍي نواب جي نياڻي سارا علي خان مرڪزي ڪردار ۾ نظر ايندي ۽ فلم 28 ڊسمبر تي سئنما گهرن جي سونهن بڻجندي پر بي چين مداحن لاءِ فلم جو رومانوي گيت تيري  بن نهين لگدا دل ميرا اڄ ريليز ڪيو ويو آهي. هي گيت قوالي جي شنهشاهه راڳي استاد نصرت فتح علي خان جو مشهور گيت آهي جنهن کي فلم ۾ ريمڪس ٺاهي پيش ڪيو آهي. تيري بن نهين لگدا دل ميرا جو ريمڪس گيت 3 منٽ 35 سيڪنڊن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ راڳي راحت فتح علي خان پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳايو آهي. گيت کي سوئيزر لينڊ جي خوبصورت وادين ۾ عڪسبند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رنوير سنگهه ۽ سارا ٻئي دلڪش نظر اچي رهيا آهن. تيري بن نهين لگدا دل ميرا گيت کي ريليز ٿيڻ جي ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ يوٽيوب تي 86 هزار کان وڌيڪ پرستار ڏسي چڪا آهن.  فلم سمبا ۾ سارا ۽ رنوير جي جوڙي پهريون ڀيرو پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاري رهي آهي جڏهن ته فلم ۾ سونو سود ۽ آشوتوش راڻا کانسواءِ اجي ديوگن پڻ خاص ڪردار ۾ نظر ايندا. ڪرن جوهر جي پروڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم جي هدايتڪاري جا فرض مشهور هدايتڪار روهٽ سيٽي انجام ڏنا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close