رانديون

پرٿ ٽيسٽ: آسٽريليا 326 رنسن تي ڍير، ڀارت ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهي ورتيون

پرٿ(اسپورٽس نيوز) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين اننگ ۾ 326 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ڀارت ٽنوڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهي ورتيون، ويرات ڪوهلي 82 ۽ اجنڪيا رهاني 51 رنسن سان ڪريز تي موجود. تفصيل موجب آسٽريليا پرٿ ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي نامڪمل اننگ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 277 رنسن تان ڪئي ته ڪپتان ٽم پين 16 ۽ پيٽ ڪيومنس 11 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، ڪينگروز ٻئي ڏينهن 49 رنسن تي 4 وڪيٽون وڃائي 326 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. ٽم پين 38، ڪيومنس 19، اسٽارڪ 6 ۽ هيزل ووڊ ٻڙي تي پويلين موٽيا، جڏهن ته نيٿن ليان 9 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. ڀارت طرفان اشانت شرما 4، جسپريت بمراهه، اميش يادو ۽ وهاري 2-2 شڪار ڪيا. ڀارتي ٽيم جا ٻئي اوپنر راهل ۽ مرلي وجئي ناڪام ويا، راهل 2 ۽ مرلي وجئي ٻڙي تي پويلين موٽي ويا، پجارا به 24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اجنڪيا رهاني ٽيم کي سهارو ڏيندي ففٽيون ٺاهي ورتيون. ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي 82 ۽ اجنڪيا رهاني 51 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. جڏهن ته اسٽارڪ 2 ۽ هيزل ووڊ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. واضح رهي ته 4 ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز ۾ ڀارت کي 0-1 جي برتري حاصل آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close