پاڪستاننڪور خبرون

آصف زرداري، بلاول ڀٽو، فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه سوڌو 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل

اسلام آباد (رپورٽ: عبدالله داد) حڪومت  آصف علي زرداري، فريال ٽالپر، بلاول ڀٽو زرداري سميت 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري ڇڏيا.  حڪومت مني لانڊرنگ بابت جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾  شامل 172 ماڻهن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن ماڻهن جي نالن کي اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. لسٽ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو نالو 24 هين نمبر تي آهي جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جو نالو 27 هين ۽ فريال ٽالپر جو نالو 36 هين نمبر تي آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، توانائي واري وزير امتياز شيخ، اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي.    اومني گروپ جي سربراهه عبدالغني مجيد، نمر مجيد،  ملڪ رياض، سندس پٽ زين ملڪ، مڪيش ڪمار چاولا،  سيڪريٽري انڊسٽريز ضمير حيدر، حسين لوائي، سنڌ بئنڪ جي چيئرمين بلال شيخ، ڊاڪٽر ڊنشا ايڇ انڪل سريا، محمد اعجاز هارون، منظور قادر ڪاڪا، سيڪريٽري لينڊ يوٽلائيزيشن، عبدالغني ماجد جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل آهي. اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن جي لسٽ وزيراعظم جي صلاحڪار افتخار گيلاني طرفان جاري ڪئي وئي آهي. علي ڪمال مجيد، انور ماجد خواجه ۽ احسن رضا دراني جو نالو به اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس 31 ڊسمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل بئنچ جوڙي وئي آهي. جي آءِ ٽي سربراهه، ميمبرن، آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close