پاڪستاننڪور خبرون

غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور طبقي کي سهارو ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور طبقي کي سهارو ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. وزيراعظم عمران خان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ثانيه نشتر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊاڪٽر ثانيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت مختلف معاملن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان چيو ته غربت جو خاتمو ۽ ڪمزور طبقي کي سهارو ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته رياست احساس جو نالو آهي، جيڪا معاشري جي ڪمزور طبقي کي مٿي کڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي. سندس چوڻ هو ته  اهڙا پروگرام جوڙي رهيا آهيون جيڪي  ماڻهن کي غربت جي چنبي مان ڪڍن، غربت جي خاتمي، بيروزگاري ماڻهن کي هنر جي فراهمي جي پروگرام کي جلد اخري شڪل ڏني وڃي جڏهن ته وزيراعظم ڊاڪٽر ثانيا نشتر کي هدايت ڪئي ته غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ خاندانن جي خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو وڃي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close