سنڌ جون خبروننڪور خبرون

پيپلز پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش حڪمرانن کي مهانگي پوندي: مولابخش

ڪراچي (چيف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش حڪمرانن کي مهانگي پوندي جڏهن ته پ پ قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ پٺيان وفاق دشمن سوچ آهي. وفاقي وزيرن جي بيانن تي رد عمل ڏيندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان سينيٽر مولا بخش چانڊئي چيو ته پ پ قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ بعد وفاقي وزير ڌمڪين تي لهي آيا آهن، شيخ رشيد جو بيان ته بلاول ڀٽو پريشان هوندو ته هي کليل ڌمڪي آهي. ترجمان چيو ته هي آمرن جي باقيات سڄي زندگي محترمه شهيد کي به اهڙي طرح ڌمڪائيندي رهي پر انهن ڌمڪين سان بلاول ڀٽو کي ڪا به پريشاني ن ٿيندي، بلاول ڀٽو جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ ضيا الحق جي ذهنيت جو عڪس آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش حڪمرانن کي مهانگي پوندي، اسان نظام جي ڪري چپ آهيون پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، ڪوڙن ۽ ڦاهين تي علم جمهوريت بلند ڪندڙن کي اي سي ايل کان نٿو ڊيڄاري سگهجي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close