انٽرنيشنل

آمريڪي صدر افغانستان مان فوج ڪڍڻ جو حڪم ناهي ڏنو: وائيٽ هائوس

 واشنگٽن:  وائيٽ هائوس جي ترجمان افغانستان مان آمريڪي فوج ڪڍڻ واري فيصلي جي ترديد ڪئي آهي. افغانستان مان آمريڪي فوج ڪڍڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي.ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي ميڊيا خبر ڏني هئي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان پنهنجي فوج واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، افغانستان ۾ مقرر 14 هزار آمريڪي فوجين مان 7 هزار کي واپس گهرايو ويندو، پر هاڻي آمريڪي عملدارن اهڙي خبر جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي ترجمان گريٽ مرڪس پاران جاري ڪيل مختصر بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي جا حڪم جاري ناهن ڪيا، ڇاڪاڻ ته هو اتي آمريڪي فوج جي نفري گهٽائڻ نٿو چاهي. گريٽ مرڪس چيو ته آمريڪي صدر پاران پينٽاگون کي افغانستان مان فوج ڪڍڻ جا حڪم ناهن مليا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close