پاڪستاننڪور خبرون

اسان کي خبر آهي ته ڪنهن سان ڪئين هلڻو آهي، ڌرتي ۽ عوام لاءِ وڙهي رهيا آهيون:آصف علي زرداري

ڪشمور (رپورٽ: زاهد سولنگي) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پنهنجي ڌرتي ۽ عوام لاءِ وڙهي رهيا آهيون، اي سي ايل ۾ نالو شامل ڪرڻ سان اسان جا ووٽر متاثر نه ٿيندا.  ڪشمور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مان ضمانت وقت پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيو هو، مون کي ٻاهر وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت  آهي. هن چيو ته منهنجي ٻولي مٺي آهي پر اسلام آباد ۾ ويٺل انڌن، گونگن ۽ ٻوڙن کي ٻڌائڻ لاءِ اردو ۾ ڳالهائيندو آهيان. سندس چوڻ هو ته مان چاهيان ٿو ته توهان رهو پر توهان سياسي ادارن کي ختم ڪرڻ ۾ لڳل آهيو ته مان ڇا ڪيان. آصف علي زرداري چيو ته هو منهنجي حڪومت نه ڪيرائي سگهيا کين پنجن سالن جو مدو پورو ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته توهان کان ٽئڪس گڏ نه ٿي رهي آهي، اسان جي دور ۾ ٽئڪس گڏ ڪئي، مطلب ته توهان جي ادارن ۾ مسئلو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان ترقي جا منصوبا قائم ڪيا آهن پر هو اسان کي پڪڙي رهيا آهن، اسان کي هي جيترو ڏنگيندا ۽ ماريندا اسان اڳتي وڌنداسين. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته توهان وٽ عقل ناهي، ڪير منهنجي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ته مان ڇا ڪيان، اسان ڪاڏي وينداسين، ڳڙهي خدا بخش ۾ ئي دفن ٿيڻو آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو نه هجي ها ته اهو ٿي ها جيڪو اڄ ڪلهه ڪشمير ۾ ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو جي 2 ڀيرا حڪومت ڪيرائي وئي،  اسان بجيٽ صوبن ۾ ورهائي جنهن سان عوام کي فائدو ٿيو، ماضي ۾ سمورا ڪم مفاهمت سان ڪياسين.  آصف علي زرداري چيو ته اسان هر حال ۾ خوش آهيون، اسان کي هر قوم جي مزاج جي خبر آهي ۽ پتو آهي ته ساڻن ڪئين هلڻو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close