
پاڪستاننڪور خبرون
جعلي بينڪ اڪائونٽس جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت عبوري حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عبوري حڪم ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس جو سمورو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت عبوري حڪم جاري ڪندي سمورن جعلي بينڪ اڪائونٽس جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙن سمورن بينڪ اڪائونٽس کي منجمند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جن جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي. عبوري حڪم موجب، عدالت اڪائونٽس جي سموري بينڪ ٽرانزيڪشن جي مانيٽرنگ جو حڪم به جاري ڪيو آهي. عدالت جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ آڪر ڪيل سمورن عمارتن ۽ ملڪيتن جي خريد ۽ وڪرو تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. عدالت سڌي ريت فائدو پهچائندڙ پراپرٽيز جي خريد ۽ وڪرو تي پابندي لڳائي آهي