شوبز

شاهه رخ خان پنهنجي ڌيءَ لاءِ روايتي پيءُ بڻجي ويو

ممبئي: بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان فلمن ۾ بهترين رومانوي ڪردار ادا ڪرڻ سبب مقبول آهي پر هن پنهنجي ڌيءَ سهانا خان کي روايتي والد جيان ڇوڪرن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ڀارتي نيوز ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي ڪنگ خان ٻڌايو ته هن پنهنجي ڌيءَ سهانا کي سختي سان انهن ڇوڪرن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪي فلمن جا ڊائيلاگز استعمال ڪري کيس متوجهه ڪن ۽ ڳالهائڻ چاهين.شاهه رخ خان ٻڌايو ته مون پنهنجي ڌيءَ کي سمجهايو آهي ته جيڪڏهن ڪوبه ڇوڪرو ساڻس ملي ٿو ۽ چوي ٿو منهنجو نالو ته ٻڌو هوندئي ته سمجهه وڃجان ته اهو پويان پوڻ وارو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڪنهن پارٽي ۾ ڪيميرا طرف بيهي اشارو ڪري ۽ سڏي ته ان کي تمام زور سان مارجان.شاهه رخ جو چوڻ هو ته مان پنهنجي فلمن ۾ ضرور اهڙا ڪردار ادا ڪندو آهيان جن ۾ ڪنهن ناري کي متوجهه ڪيو ويندو آهي پر اهو حقيقي ۾ سٺا ناهن لڳندا، ها پر مان انهن ڪردارن کي انتهائي سنجيدگي ۽ معصوميت سان ادا ڪنديون آهيان. رپورٽون آهن ته سهانا خان کي اداڪاري جو تمام گهڻو شوق آهي پر في الحال تعليم مڪمل نه ٿيڻ سبب شاهه رخ خان ۽ سندس گهرواري گوري خان طرفان کيس فلم نگري ۾ قدم رکڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close