رانديون

نلتر ۾ پاڪستاني تاريخ جي پهرئين آئس هاڪي ميچ منعقد

اسلام آباد: پاڪستان جي تاريخ جي پهرئين آئس هاڪي ميچ اڄ نلتر ۾ کيڏي وئي جيڪا سخت مقابلي کانپوءِ پاڪ فضائيه کٽي ورتي. اها ميچ پاڪستان ايئر فورس ۽ جي بي اسڪائوٽس جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي.ٻنهي طرفان رانديگرن غير معمولي مهارت جو مظاهرو ڪيو، پر ڪابه ٽيم مقرر وقت ۾ گول ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي.ميچ جو فيصلو پينلٽي شوٽ تي ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان ايئرفورس جي رانديگر شاهه سيار فيصلائتو گول ڪري پاڪ فضائيه کي فتح ڏياري.گلگت بلتستان جي علائقي ۾ ٻن ڪاٺين ۽ بال جي مدد سان کيڏي ويندڙ هڪ تاريخي راند فٽل به آهي، جنهن کي آئس هاڪي سان به سلهاڙيو ويندو آهي.هن خطي ۾ روايتي راند جي ميراث جاري رکڻ لاءِ آئس هاڪي کي هتي متعارف ڪرايو ويو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close