سنڌ جون خبروننڪور خبرون

پيپلز پارٽي، سرماياداراڻي، جاگيرداڻي ۽ آمراڻي قوتن جي اکين ۾ ڪنڊو جيان آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (چيف رپورٽر)  سنڌ جي ورڪس اينڊ سروسز واري وزير سيد ناصر حسين شاهه  پنهنجو رد عمل ڏيندي چيو  آهي ته پارٽي قيادت جو نالو اي سي ايل لسٽ ۾ وجهڻ تي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ، سرمايادارانه، جاگيردانه ۽ آمرانه قوتن جي اکين ۾ ڪنڊو رهي آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته هي عوام دشمن عنصر هميشه پيپلز پارٽي خلاف سازشن ۾ مصروف رهيا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه ملڪ جي مظلوم طبقي جي حقن جي جدوجهد ڪندي آئي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي چاهي اقتدار ۾ رهي يا ايوان اقتدار کان ٻاهر سازشون هميشه پيپلز پارٽي خلاف ٿينديون رهيون آهن ۽ اسان هميشه هنن سازشن جو مقابلو ڪيو آهي. هن چيو ته 2008 ۾ ٺهڻ واري پيپلز پارٽي جي حڪومت جي خاتمي جون تاريخون ڳڻڻ به ان سازشن جو تسلسل آهي. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته عوام دشمن عنصرن جا چهرا چٽي طرح سان سامهون آيا آهن ۽ هن چيو ته پيپلز پارٽي سياست کي ڊرائنگ روم مان ڪڍي ڪري روڊن ، کيتن ۽ ڪارخانن تائين پهچايو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جا سوچڻ وارا احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي خلاف هر سازش عوام جي طاقت سان ناڪام بڻائيندا سين. سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پيپلز هڪ نظريي ، سوچ ، فڪر ۽ جدوجهد جو نالو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close