سنڌ جون خبروننڪور خبرون

اي سي ايل مان نالا نه ڪڍي وفاقي ڪابينا عدالت جي توهين ڪئي آهي: لطيف کوسا

سکر (رپورٽ: شاهد علي سولنگي) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ قانوندان لطيف کوسا چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود  بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان نه ڪڍيا ويا آهن، ڪابينا چوي ٿي ته عدالتي  فيصلي اچڻ جو انتظار آهي، اها عدالت جي بدترين توهين آهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا جو چوڻ هو ته سعيد غني پاران فواد چوڌري جي سنڌ ۾ پابندي واري ڳالهه هُن جي ذاتي راءِ آهي، قانوني يا آئيني طور ڪنهن به وزير يا اسيمبلي ميمبر تي پابندي لاڳو نٿي ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو موجوده حڪومت معيشت کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي ۽ مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي  خلاف عوام سان گڏجي رستن تي نڪرنداسين. هن چيو ته ايف آءِ اي جي اصغر خان ڪيس کي ختم ڪرڻ واري رپورٽ عدالت رد ڪري بهتر ڪيو آهي، عمران خان ٻڌائي ته اصغر خان ڪيس جو ڇا پيو ٿئي؟لطيف کوسا وڌيڪ چيو ته نواز شريف جو جيل ۾ علاج نه ڪرائڻ جي مذمت ڪريون ٿا، سياست ۾ مخالفت حرف آخر ناهي هوندي. هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس ثاقب نثار جي دل ۾ پاڪستان جو درد آهي، چيف جسٽس پاران پيئڻ جي پاڻي، گئس بحران، واڌو فيس وصولي توڙي اسپتالن جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جي تعريف ڪريون ٿا، ايندڙ چيف جسٽس ملڪ ۽ قوم لاءِ بهتر فيصلا ڪندو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close