شوبز

دپيڪا فلم 83 ۾ رنوير سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون ۽ سندس مڙس رنوير سنگهه اڄ تائين ٽن فلمن، رام ليلا، باجي رائو مستاني ۽ پدماوت گڏ ڪم ڪري چڪا آهن پر هاڻ دپيڪا ساڻس گڏ چوٿين فلم 83 ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب دپيڪا پڊوڪون کي ڀارتي ڪرڪيٽر ڪپل ديو جي حياتي تي ٺهندڙ بائيوپڪ فلم 83 ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، جنهن لاءِ هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي. فلم ۾ رنوير سنگهه ڪپل ديو جو مرڪزي ڪردار ادا ڪندو جڏهن ته دپيڪا پڊوڪون کي ڪپل ديو جي گهرواري رومي جي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي هئي، هن اهو ڪردار ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته فلم ۾ گهرواري جو ڪردار مختصر آهي جڏهن ته اها فلم مڪمل طور تي هيرو جي جي زندگي تي ٻڌل آهي. دپيڪا وڌيڪ چيو ته هوءَ اهڙين فلمن ۾ ڪم ڪندي جنهن ۾ سندس ڪردار مضبوط هجي، پدماوت ۽ ٻين فلمن ۾ رنوير سان گڏ انڪري ڪم ڪيو ڇاڪاڻ جو انهن ۾ منهنجو ڪردار طاقتور هو. رپورٽ موجب دپيڪا جو چوڻ هو ته هوءَ ڪم جي معاملي ۾ تمام گهڻو سنجيدا آهي، هو اهو ناهي ڏسندي ته مرڪزي ڪردار رنوير سنگهه ڪري رهيو آهي يا نه، ها جيڪڏهن اهڙي ڪا فلم هجي جنهن ۾ رنوير سنگهه هجي ۽ ان ۾ هيروئن جو ڪردار به سٺو هجي تو هوءَ ضرورت ڪم ڪندي.  واضح رهي ته دپيڪا ۽ رنوير سنگهه گذريل سال نومبر ۾ شادي ڪئي هئي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close