پاڪستاننڪور خبرون

مني بجيٽ 23 جنوري تي پيش ڪرڻ جو اعلان، سيڙپڪاري سان ئي معيشت بهتر ٿيندي: وفاقي سرڪار

ڪراچي (رپورٽ: سجاد ميراڻي) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر 23 جنوري تي مني بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  ايف بي آر جا ايس آر او جاري ڪرڻ وارا اختيار ختم ڪري ڇڏيا آهن، ٽيڪسز جي حوالي سان هر قسم جي منظوري پارليامينٽ کان ورتي ويندي. ڪراچي  چئمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ واپارين  سان ملاقات بعد خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ واپاري خسارو خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي، سيڙپڪاري سان ئي معيشت بهتر ٿيندي. اسد عمر چيو ته بجيٽ جي حوالي سان ڪراچي چئمبر ايندڙ هفتي پنهنجي ٽيم اسلام آباد اماڻيندي،  جنهن جو روينيو واري مملڪتي وزير سان اجلاس منعقد ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام جي لاءِ سهولتون پيدا ڪيون ويون آهن، سيڙپڪاري هوندي ته نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته  وزيراعظم جي پرڏيهه وڃڻ سبب فنانس بل 23 جنوري تي پيش ڪبو  ، مني بجيٽ مان اينا مليز کي ختم ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته سيڙپڪاري لاءِ  ماحول آسان پيدا ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس کي پارليامينٽ ۾بحث بعد تبديل ڪيو ويندو. اسد عمر چيو ته 21 هين صدي ۾معيشت جو ڦيٿو نجي شعبو هلائي ٿو، فنانس بل ۾سيڙپڪاري لاءِ وڏي مراعات رکي وئي آهي

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close