پاڪستاننڪور خبرون

کير جي سنڀال تي ٻلي کي نه ٿو ويهاري سگهجي، مونکي پي اي سي ۾ شامل ڪيو وڃي: شيخ رشيد

لاهور (مانيٽرنگ) ريلوي وارو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ٽي آءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ شامل پنهنجي ڪنهن ميمبر کي ڊراپ ڪري مون کي شامل ڪري. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته کير جي سنڀال تي ٻلي کي نه ٿو ويهاري سگهجي، شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهيان، سومر تي ان سلسلي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪندس، مون کي پي اي سي ۾ به شامل ڪيو وڃي تنهن ڪري پي ٽي آءِ پنهنجي هڪ ميمبر کي واپس وٺي. هن چيو ته مسلم ليگ ن جي معاملن کي ڏسڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي جي سربراهي مون کي ڏني وڃي، مان مسلم ليگ ن جي معاملن جي آڊٽ ڪرائيندس. سندس چوڻ هو ته عمران خان سان لاڳاپا آهن جنهن تي مون کي فخر آهي مان هڪ الڳ سياسي پارٽي جي نمائندگي ڪندو آهيان، پي ٽي آءِ کي جوابده نه آهيان. شيخ رشيد چيو ته  آصف زرداري ۽ نواز شريف جو ڪو به مستقبل ناهي، مريم نواز نياڻي وانگر آهي هن خلاف ڪابه ناڪاري ڳالهه نه ڪئي آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close