رانديون

ڪينگروز ڀارت جي وات مان گرهه ڪڍي ورتو، روهت شرما جي سينچري ضايع

 سڊني(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ ڀارت کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، روهت شرما جي سينچري ضايع. آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهيون. هينڊز ڪومب 73،عثمان خواجه 59، شان مارش 54 ۽ اسٽوئنس 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان ڀونيشور ڪمار ۽ ڪلديپ يادو 2-2 جڏهن ته رويندرا جديجا هڪ وڪيٽ ورتي. ڀارتي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 254 رنسون ٺاهي سگهي. روهت شرما جي 133 رنسن جي شاندار اننگ به ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهي. ڌون ۽ رايوڊو ٻڙي، ڪپتان ويرات ڪوهلي 3، ايم ايس ڌوني 51، ڪارٿڪ 12، جديجا 8، ڪلديپ يادو 3 ۽ محمد شامي هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿيا جڏهن ته ڀونيشور ڪمار 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا طرفان رچرڊسن بهترين بالنگ جو مظاهرو ڪندي 10 اوورن ۾ 26 رنسون ڏئي 4 شڪار ڪيا، بهرينڊورف ۽ اسٽوئنس 2-2 جڏهن ته سڊل هڪ وڪيٽ ورتي. رچرڊسن کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. اهڙي طرح ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ آسٽريليا 0-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close