پاڪستاننڪور خبرون

ساهيوال سانحي تي عثمان بوزدار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي: شهباز شريف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ساهيوال سانحي تي وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي ن ليگ صدر شهباز شريف چيو ته ساهيوال واقعي تي سڀني وفاقي ۽ پنجاب جي وزيرن چيو ته رپورٽ 72 ڪلاڪن ۾ سامهون آندي ويندي، جيڪا نه آندي وئي، اهو به چيو ويو ته سانحي جي نتيجي ۾ ڪجهه آفيسرن کي عهدي تان هٽايو ويو آهي ۽ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي، جيڪا غلط بياني هئي. هن چيو ته اسان ماڊل ٽائون واقعي جي رات ئي آر پي او لاهور کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو، جڏهن ته معاملي جي جاچ لاءِ ان ئي رات جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي هئي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم صاحب اڄ ساڍن ٽن مهينن کانپوءِ آيو آهي، ماڊل ٽائون واقعي تي عمران خان چيو هو ته مون کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، راڻا ثناءُ الله کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، پنجاب ۾ موجود نظام ۽ صوبي جو وڏو وزير وزيراعظم جي اجازت کانپوءِ ڪو ڪم نٿو ڪري، تنهن ڪري وزيراعظم کي پنهنجي ئي منطق موجب اڳ استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ۽ پوءِ عثمان بوزدار کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close