رانديون

پي ايس ايل جي ميچز دوران سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام هوندا

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ فور جي ميچز جي موقعي تي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويندا. ڪراچي ۾ گهرو کاتي جي تحت پي ايس ايل فور فائنل سميت 7 ميچز جي سيڪيورٽي بابت اجلاس منقد ٿيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته تيارين جي ٻئي مرحلي مان گذرندڙ نيشنل اسٽيڊيم ۾ جاري ڪم 28 فيبروري تائين مڪمل ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ٻئي ڏينهن اسٽيڊيم پهرين مارچ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي حوالي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پي ايس ايل ٿري جي ميچز جيان ڀرپور سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويندا، جڏهن ته فول پروف سيڪيورٽي جو اهتمام ڪيو ويندو، غير ملڪي ڪرڪيٽرز سميت آفيشلز ۽ تماشائين کي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.اجلاس دوران پاڪستان-ويسٽ انڊيز ويمن ڪرڪيٽ سيريز جي ميچز جي حوالي سان سيڪيورٽي معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close