سنڌ جون خبرون

سيوهڻ لڳ ٽرڪ جو مسافر وين سان خوفناڪ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، ڇهه زخمي

سيوھڻ (رپورٽ: نصر الله انصاري) دادو کان حيدرآباد ويندڙ مسافر وين جو آمري لڳ ٽرڪ سان خوفناڪ حادثو  حادثي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙين ۽ھڪ عورت سميت  5 مسافر ٿڏي تي فوت 6 زخمي  زخمين کي سيوھڻ اسپتال  منتقل خبر موجب دادو کان حيدرآباد ويندڙمسافر وين انڊس ھائي وي تي آمري ويجھو سامهون کان ايندڙ تيز رفتار  ٽرڪ سا ن حادثي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙين  رشيده  رحيم ۽ مسمات بختاور  محمد امين ۽اعجاز سولنگي موقعي تي ئي دم ڌڻي حورالي ڪيو جڏھن ته 6 ڄڻا نادر جلباڻي مظھر سميجو  ڪلثوم ابڙو فرزانه ابڙو حسنه پروين محمد ايوب ۽ ست سالا نينگري مومنه سخت زخمي ٿي پيا فوتين ۽ زخمين کي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل ائينسز ۾ منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي مري پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رھي آھي ٻئي طرف حادثي۾ فوتين  جي مڙھن کي ضروري ڪاروائيبعد وارثن حوالي ڪيو ويو

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close