پاڪستاننڪور خبرون

قومي اسيملي جو اجلاس، مخالف ڌر جون ترميمون رد، بجيٽ جي منظوري کان سواءِ ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيملي جو اجلاس مني بجيٽ تي بحث ڪرڻ کان سواءِ ئي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو ته مخالف ڌر طرفان گذريل ڏينهن حڪومتي بينچن طرفان ڪيل تنقيد جو ڀرپور جواب ڏنو ويو، پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف اعتراض واري نقطي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ڏينهن اسان جي قيادت تي لفظي حملا ٿيا، اِهو رويو رهيو ته توهان جي لاءِ ايوان هلائڻ ڏکيو ٿي ويندو. ان دوران مراد سعيد تقرير دوران ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مخالف ڌر ميمبرن احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اجلاس ٻيهر شروع ٿيو ته پي ٽي آءِ جي مليڪه بخاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو انگ وڌائڻ بابت ترميميم بل 2019ع ايوان ۾ پيش ڪيو. مخالف ڌر طرفان شاهد خاقان عباسي بل ۾ ترميمون پيش ڪيون.  اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ان اهم بل تي سموري مخالف ڌر اختلافي نوٽ ڏنو آهي، حڪومت اِها وضاحت ڏيڻ ۾ ناڪام رهي ته ججزن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. پيپلز پارٽي جي نويد قمر چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ سڄي ملڪ جا ڪيس ايندا آهن ته پوءِ ججن ۾ به سڄي ملڪ جي نمائندگي هجڻ گهرجي، ڪوٽا مختص نه ٿيڻ سان هڪ صوبي مان 6 جج اچي ويندا. پيپلز پارٽي جي ئي نفيسه شاهه چيو ته اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت رڳو پوسٽ آفيس جو ڪم ڪيو، اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ بل جو تفصيلي جائزو ناهي ورتو، جيڪا تفصيل اسٽيڊنگ ڪميٽي ۾ گهري وئي اُها ناهي ڏني وئي. بعد ۾ قومي اسيمبلي مخالف ڌر جون ترميمون رد ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو انگ 6 کان وڌائي 10 ڪرڻ جو ترميمي بل منظور ڪري ورتو.  ايوان ۾ هُل جي ڪري اسپيڪر مني بجيٽ تي بحث ۽ ان جي منظوري کان سواءِ ئي ڪارروائي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close