انٽرنيشنل

نوبيل انعام يافته پاڪستاني شاگردياڻي ملاله يوسفزئي پنهنجن ڏهن ورهين جي ڪهاڻي ٻڌائي

لنڊن (م ڊ) نوبيل انعام يافته پاڪستاني شاگردياڻي ملاله يوسفزئي مشهور سوشل ميڊيا ٽرينڊ ” ڏهه سالا چئلينج “  ۾ حصو وٺندي نه رڳو پنهنجن ڏهن ورهين جي ڪهاڻي بيان ڪئي پر سڀني کي هڪ اهم پيغام پڻ ڏنو آهي.  ملاله يوسفزئي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته جڏهن مان ڏهه ورهيه چئلينج ڏٺو ته پنهنجي حياتي بابت سوچڻ لڳس، ان وقت منهنجي عمر يارنهن ورهيه هئي ۽ هاڻي سڀ ڪجهه ڪيترو بدلجي ويو آهي.  ان ٽوئيٽ سان گڏ ملاله پنهنجو هڪ بلاگ به شيئر ڪيو جنهن ۾ هن 11 ورهين  جي عمر کان وٺي هن وقت تائين جو پنهنجي ڪهاڻي شيئر ڪئي ۽ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو.  ملاله يوسفزئي پنهنجي بلاگ ۾ لکيو آهي ته گذريل هفتي مان انسٽاگرام تي 10 ورهيه چئلينج مان تمام گهڻو لطف اندوز ٿيس، جنهن دوران مان دوستن جي ننڍپڻ جون تصويرون ۽ ناميارن شخصيتن جون مشهور ٿيڻ کان اڳ ماضي واريون تصويرون ڏٺيون.  ان هيش ٽيگ تحت 4 ملين کان وڌيڪ واهپيدارن پنهنجون پوسٽون شيئر ڪندي حياتي جي مختلف پاسن کي اجاگر ڪيو. جنهن کي ڏسي منهنجون به ڏهه سال پراڻيون يادون تازيون ٿي ويون جڏهن منهنجي عمر يارنهن ورهيه هئي.  ملاله يوسفزئي ماضي جي ڏينهن کي ياد ڪندي ٻڌايو ته 15 جنوري کي سڄي وادي کي ڀوَ ۾ مبتلا ڪندڙ آواز ريڊيو تي ٻڌو ويو. جنهن ۾ طالبان جي مقامي اڳواڻ چيو ته نياڻين کي اسڪول وڃڻ جي اجازت نه هوندي، اهو اسلام جي خلاف آهي. هن ٻڌايو ته امن اسان کان گهڻو پري هو، اسان دهشتگرد ۽ تشدد واري ماحول ۾ جيءَ رهيا هئاسين، فائرنگ ۽ بمباري جا آواز  روز جو معمول بڻجي ويا هئا، ٻه کان ٽي ماڻهن گرين اسڪوائر تي قتل ڪرڻ واريون خبرون ٻڌڻ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. هي اها وادي ئي نه رهي هئي جتي مان ٻه سال اڳ رهندي هئس، شيون تيزي سان تبديل ٿي ويون هيون.  ملاله لکيو ته جڏهن مان 11 ورهين جي هيس ته مونکي پنهنجي مستقبل ۽ آزادي بابت ڳڻتي هئي.  مان لکڻ پڙهڻ ۽ سکڻ چاهيان پئي، جنهنڪري مان ۽ منهنجو والد سرگرم هئاسين، اسان کي خبر هئي ته جيستائين اسان آواز بلند نه ڪنداسين ۽ پابندين خلاف نه ڳالهائينداسين تيستائين تبديلي ممڪن ناهي. هن ٻڌايو ته مان ڊائري لکي جيڪا برطانيا جي نشرياتي اداري بي بي سي جي روزاني شماري ۾ شائع ٿي هئي، انهن لکڻين کي ڏهن ورهين کانپوءِ پڙهي هاڻ لڳي ٿو ته  مان نياڻين جو آواز ٻڌي رهي آهيان جنهن يادون، اميد ۽ احتياط آهي. هي اهو ئي احساس آهي ته جيڪو مونکي سڄي دنيا ۾، اسڪولن ۾ يا پناهگير ڪيمپن ۾ ڇوڪرين جو آواز ٻڌي ملندو آهي.  هن وڌيڪ لکيو ته ان وقت ڪجهه نياڻيون پر اُميد هيون ته اسڪول وري فيبروري ۾ کلي سگهندا جڏهن ته ڪجهه والدين سوات کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو ته جيئن نياڻين کي تعليم ڏياري سگهجي.  ملاله موجب 14 جنوري 2009 تي سوات ۾ منهنجي اسڪول جو آخري ڏينهن هو جڏهن ته 14 جنوري 2019 تي آڪسفورڊ ۾ منهنجي ليڪچر جي ٻئين حصي جي شروعات ٿي آهي. مان ڄاڻان ٿي مان گهڻو اڳتي نڪري آئي آهيان ۽ مان ان ڳالهه جي ساراهه ڪريان ٿي ته مان پنهنجي ڪهاڻي بيان ڪرڻ جي اهل آهيان.  پر مونکي اها به خبر آهي ته 130 ملين نياڻيون اڃا به انهن حالتن مان گذري رهيون آهن جن مان 10 ورهيه اڳ گذري هئس.  ملاله لکي ٿي ته جڏهن مان 10 سال پوئتي مڙي ڏسان ٿي ته مان شڪر ادا ڪندي آهي پر مونکي ڪاوڙ به ايندي آهي ڇو اڃا تائين نياڻيون اسڪول وڃڻ کان محروم آهن. ملاله لکيو آهي ته منهنجو رت ٽهڪي پوندو آهي جڏهن ڪيئي حڪمران سمورن مسئلن بابت سوچ ويچار ڪندا آهي پر هڪ ڪروڙ ٽيهه لک  نياڻين جي تعليم جو مسئلو سندس فهرست ۾ شامل ناهي هوندو، کين ڳڻتي آهي ته رڳو معيشت، مرڪزي طاقت، تڪرار ۽ سياست جي، ڪاوڙ نه ڪجو  پر نياڻين جي تعليم اهڙا ڪيئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. آخر ۾ ملاله پنهنجي خدمتن کي نمايان ڪندي لکيو ته مان هر ڏينهن ڀيڻن لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان ته جيئن کين اسڪول وڃڻ ۾ مدد ملي سگهي، مان هر نياڻي لاءِ چاهيان ٿي ته کين گهٽ ۾ گهٽ 12 ورهين جي عمر تائين ان کي معياري تعليم ۽ تحفظ ڏنو وڃي ته جئين هوءَ پنهنجا خواب پورا ڪري سگهي ۽ دنيا کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري پر اهو سڀ ڪجهه اڪيلي سر نٿو ڪري سگهجي.  ملاله وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪهاڻي مان متاثر ٿيا آهيو ته مان اميد ڪريان ٿي ته اوهان نياڻين جي تعليم جي ويڙهه ۾ منهنجو ساٿ ڏيندا.  ملاله يوسفزئي جو واسطو پاڪستان جي پهاڙي علائقي سوات سان آهي کيس 2012 ع ۾ اسڪول کان گهر ويندي دهشتگردن گولين جو نشانو بڻايو هو، جنهن بعد کيس علاج لاءِ لنڊن وڃڻو پيو ۽ هو هاڻ هتي مقيم آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close