پاڪستاننڪور خبرون

آزادي جي جدجهد ۽ دهشتگردي کي پاڻ ۾ ملايو ويو آهي: فضل الرحمان

اسلام آباد ( چيف رپورٽر )جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته حڪومتن ۽ ادارن وچ ۾ روين کي تمام گهڻي ويجهي کان ڏٺو پر اڄ کان وڌيڪ مايوس دور پهريون نه آيو آهي.اسلام آباد ۾ جي يو آءِ ف طرفان ڪل جماعت ڪشمير مشاورت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فصل الرحمان چيو ته ڊگهو عرصو ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين رهيو آهيان، حڪومتن ۽ ادارن جي روين کي گهڻو ويجهو کان ڏٺو پر اڄ کان وڌيڪ مايوس دور نه ڏٺو آهي. هن چيو ته نائين اليون کانپوءِ آزادي جون تحريڪون متاثر ٿيون، آزادي جي جدجهد ۽ دهشتگردي کي پاڻ ۾ ملايو ويو.هن چيو ته ڪشميرين ۽ فلسطين جي جدوجهد کي دهشتگردي قرار ڏنو ويندو آهي، اسان جون حڪومتون ۽ سياسي پارٽيون به اهڙي صورتحال کان متاثر آهن، حڪمران ۽ رياستي ادارن جي ڪوتاهي ڪشميرين سان وفاداري نڀائڻ ۾ ناڪامي آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪشميرين جي خود ارادايت جو حق عالمي سطح تي قبول ڪيو ويو آهي، اسان عهد ڪيون ٿا ته قوم جي جدوجهد جو تلسل برقرار رکندي ڪشميرين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون، ڪشميرين لاءِ جدوجهد جو تسلسل جاري رهندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close