
سنڌ جون خبروننڪور خبرون
سنڌ جا فنڊ روڪڻ ۽ گئس جي بندش جا الزام بي بنياد آهن: عمران اسماعيل
شهدادپور( رپورٽر )سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته 3 اسپتالون وفاق جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت ان تي اجايو گوڙ نه ڪري. شهدادپور ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ مختلف ضلعن لاءِ پيڪيج تيار ڪري رهي آهي، جنهن جو اعلان وزيراعظم عمران خان سنڌ جي دوري دوران ڪندو.هن چيو ته سنڌ جا فنڊ روڪڻ ۽ گئس جي بندش جا الزام بي بنياد آهن، جڏهن ته 3 اسپتالن تي سنڌ حڪومت جو گوڙ به اجايو آهي، اهي وفاق جي ملڪيت آهن