پاڪستاننڪور خبرون

صحافين جو ڪم حڪومت ٺاهڻ يا ڪيرائڻ نه پر رپورٽنگ ڪرڻ آهي: شاهه محمود قريشي

ملتان( م ڊ )پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آصف زرداري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته صحافين جو ڪم حڪومت ٺاهڻ يا ڪيرائڻ نه پر رپورٽنگ ڪرڻ آهي.ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت، ارڙهين ترميم ۽ آئين کي ڪو خطرو ناهي، پر ڪجهه شخصيتن جي مفادن کي خطرو ضرور ٿي سگهي ٿو، حڪومت جي ن ليگ سان ڪا ڊيل نه پئي ٿئي، پر پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي ڇڪ ڇڪان ۽ ڊيل ٿي رهي آهي، هي ماڻهو پنهنجي سياسي بقا جي چڪر ۾ آهن، ماضي ۾ ٻنهي پارٽين هڪٻئي خلاف ڪيس ٺاهيا، بلاول ڀٽو کي لانگ مارچ ڪرڻ جي ضرورت ناهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي تحريڪ انصاف مان ڪوبه خطرو ناهي.آصف زرداري پاران حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ميڊيا کان مدد گهرڻ واري سوال جي جواب ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته صحافين جو ڪم حڪومت ٺاهڻ يا ڪيرائڻ نه پر رپورٽنگ ڪرڻ آهي.شاهه محمود قريشي چيو ته القاعده ۽ داعش خلاف اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، داعش اهڙي طاقت آهي جيڪا خطي کي غير مستحڪم ڪري سگهي ٿي، اها افغانستان ۽ شام ۾ موجود آهي، مون چين، روس، آمريڪا، ايران، عمان سميت مختلف ملڪن جا دورا ڪيا ۽ ڳالهيون ڪيون، سڀني جو اتفاق آهي ته داعش کي وڌڻ نه گهرجي، ان خلاف سڀني کي گڏجڻو پوندو.پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۾ فيصلو ڪندڙ طاقتون رڳو عوام آهي، جيڪو فيصلو ڪري چڪو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته حج آهي ته وڌ کان وڌ پاڪستان حج جو فرض ادا ڪن، چاهيون ٿا ته حج پانڌيئڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته ڊيل جيڪڏهن ٿي آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ٿي آهي، ڪالهه تائين پ پ ۽ مسلم ليگ ن جا هڪ ٻئي جي ڳچين ۾ هٿا هئا اڄ ٻئي ڍاهه ڪري ويٺيون آهن. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ ارڙهين ترميم سان ڪو به خطرو ناهي، ارڙهين ترميم تي سياسي پارٽيون غير ضروري واويلا ڪري رهيون آهن.  شاهه محمود قريشي چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن قيادت تي ڪيس اسان جي دور ۾ نه ٺهيا آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close