پاڪستاننڪور خبرون

نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار وزيراعظم هوندو: حمزا شهباز شريف

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت نواز شريف جي صحت سان بي حسي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، اسان کي سندس صحت بابت آگاهه نه پيو ڪيو وڃي، نواز شريف کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار وزيراعظم هوندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حمزا شهباز شريف چيو ته نيازي صاحب واعدو ڪيو هو ته صوبو ٺاهينداسين، اسان ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ غير مشروط مدد جي آڇ ڪئي، حڪومت نوان صوبا ٺاهي ته اسان غير مشروط حمايت ڪنداسين. هن چيو ته  پنجاب حڪومت ڇڏي وئي ته ساڍا 600 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ هئي، پن سن واري حڪومت ترقياتي بجيٽ کي استعمال ئي نه ڪيو، حڪمرانن کي چوان ٿو ته الله کان ڊڄن. سندس چوڻ هو ته ايندڙ وقت ۾ ڏکيائيون وڌنديون، ڊالر جو اگهه گهٽ ٿيڻ سان برآمد وڌندي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت وٽ جعلي مئنڊيٽ آهي، پنجن مهينن بعد نيازي صاحب کي هوش آيو آهي ته معيشت ٺيڪ ناهي.  حمزا شهباز شريف چيو ته پن سن جي ڊالرن سان معيشت جو ٻيڙو ٻڏي ويو آهي، سوال ڪيون ٿا جنهن جي جواب ۾ اسان کي گاريون ٻڌڻ لاءِ ملنديون آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close