انٽرنيشنل

افغانستان ۾ امن قيام لاءِ ٻن ڏينهن واريون ڳالهيون روس جي راڄڌاني واري شهر ماسڪو ۾ شروع

ماسڪو( م ڊ ) افغانستان ۾ امن جي  قيام لاءِ ٻن ڏينهن واريون ڳالهيون روس جي راڄڌاني واري شهر ماسڪو ۾ شروع ٿي ويون آهن جڏهن ته اڳوڻو افغان صدر  پڻ شرڪت لاءِ روانو ٿي ويو.ماسڪو ۾ ٿيندڙ ڳالهيون آمريڪا ۽ طالبان وچ ۾ دوحا ۾ ٿيل ٺاهه تي اتفاق جي 10 ڏينهن کان پوءِ شروع ٿي رهيون آهن،  ماسڪو ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين ۾ طالبان اڳواڻ، اڳوڻو صدر حامد ڪرزئي ۽ افغانستان ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ شرڪت ڪئي .افغانستان جي اڳوني صدر حامد ڪرزئي روانگي کان اڳ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو امن، اتحاد ، خودمختياري ۽ سڀني جي ترقي لاءِ پيغام کڻي ماسڪو وڃي رهيو آهي.ياد رهي ته طالبان اڳواڻن افغان صدر اشرف غني ۽ جي حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪيو هو…..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close