پاڪستاننڪور خبرون

پاڪستان ڪشمير واري مسئلي تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندو: وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو چيف )وزيراعظم عمران خان يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪشميرين کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان ڪشمير واري مسئلي تي پنهنجي اصولي موقف تان پوئتي نه هٽندو.وزيراعظم عمران خان چيو ته 7 ڏهاڪا گذرڻ باوجود والاريل ڪشمير جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ بيگناهن جي قتل عام، ٻارڙن تي پيلٽ فائرنگ، تشدد سميت ڀارتي ظلم اڃا تائين جاري آهي ۽ ڪشميري پنهنجي همت ۽ بهادري سان حق خود اراديت حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج ظالماڻي طريقي سان هزارين بيگناهه ڪشميرين کي بي رحماڻي تشدد ۽ غيرقانوني حراست دوران قتل ڪري رهي آهي.هن چيو ته هر سال 5 فيبروري تي ملهائيندڙ يوم يڪجهتي ڪشمير ڪشميرين کي ڀارتي تسلط خلاف ۽ حق خود اراديت لاءِ عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو.وزيراعظم چيو ته ڪشمير مسئلي تي عالمي برادري جو ٻٽو معيار شڪ ۽ شبها پيدا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڇرن واري بندوق سان هٿين خالي ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ ربريت جو سلسلو جاري آهي، ڪشميرين جو حريت وارو جذبو ۽ خود اراديت وڌي رهي آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ آزادي جي جدوجهد کي هر گذرندڙ ڏينهن سان هٿي ملي رهي آهي، افسوس آهي ته ست ڏهاڪا گذرڻ باوجود ڪشمير مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close