رانديون

پي سي بي 2019 جي ورلڊ ڪپ لاءِ سرفراز احمد کي ڪپتان بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور( رپورٽر ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 2019 جي ورلڊ ڪپ لاءِ سرفراز کي ڪپتان بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ سرفراز احمد سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته هــُـن جي سرفراز احمد سان 13 سال اڳ ملاقات ٿي ۽ ان وقت ئي هـُـن سرفراز ۾ ليڊرشپ جون خوبيون ڏٺيون هيون.پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو ته ورلڊ ڪپ 2019 لاءِ سرفراز احمد ڪپتان هوندو، سرفراز، ڪپتان آهي ۽ ڪپتان رهندو.پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته سرفراز احمد وڪيٽ ڪيپنگ ۾ به دنيا جو ٽاپ ڪيپر آهي.ان موقعي تي سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ڀروسو ڪرڻ تي هـُـو پي سي بي جو ٿورائتو آهي. سرفراز احمد چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن به رانديگر لاءِ ڪپتاني ڪرڻ وڏو اعزاز آهي هـُـو اعتماد تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو…………

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close