سنڌ جون خبروننڪور خبرون

دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم ڪري نٿي سگهي: جنرل زبير محمود حيات

ڪراچي: چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات جو چوڻ آهي ته دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم ڪري نٿي سگهي، جڏهن ته نوجوان پاڪستان جو جهنڊو کڻي بيٺل آهن. ڪراچي يونيورسٽي ۾ پاڪستانيت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنرل زبير محمود حيات جو چوڻ هو ته مارچ جي مهيني ۾ فيصلو ٿيو ته پاڪستان ٺاهڻو آهي، پاڪستان قوم دنيا جي منفرد قوم آهي، اسان 70 سال اڳ قوم بڻيا آهيون، اسان جي تهذيب هزارين سال پراڻي آهي، دنيا جي ڪابه طاقت پاڪستان کي ختم ڪري نٿي سگهي. هن چيو ته قائد اعظم چيو هو ته مسلمان اقليت نه پر هڪ قوم آهي، پاڪستان هميشه مسلمان ملڪ رهندو ۽ هي ملڪ سڀني لاءِ آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ڀارت ۾ مسلمانن جا گهر ساڙيا پيا وڃن، 42 سيڪڙو مسلمانن کي سندن پاڙيسري به قبول نٿا ڪن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close