
پاڪستاننڪور خبرون
عدالتي نظام ۾ سڌاري جي ضرورت آهي: فواد چوڌري
اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ عدالتي نظام ۾ سڌاري جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ امن سبب راندين جا ميدان آباد ٿي رهيا آهن. اسلام آباد بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عدالتي نظام ۾ وڪيلن کانسواءِ سڌارا ممڪن ناهن ۽ قانوني سڌارن سان ئي معيشت بهتر ٿيندي. هن چيو ته دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ نه رڳو قوم بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن پر ان ۾ وڪيلن جو رت به شامل آهي، هن وقت ملڪ جون حالتون بهتر ٿي رهيون آهن ۽ راندين جا ميدان آباد ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي بدقسمتي اها آهي جو امير ۽ غريب لاءِ هڪ جهڙو نظام موجود ناهي، غريب ماڻهو کي به عدالتي نظام ۾ رليف ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪا حڪومت ائين سمجهي ٿي ته عدالتن کانسواءِ سڌارو اچي سگهي ٿو ته اهو ممڪن ناهي.