پاڪستاننڪور خبرون

پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ واڌ تي وزيراعظم پاران ڪاوڙ جو اظهار

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پنجاب جي وڏي وزير، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، صوبائي وزيرن ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي پگهارن ۽ سهولتن ۾ اضافي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب اسيمبلي طرفان وڏي وزير، وزيرن، اسيمبلي ميمبرن جي سهولتن ۽ پگهارن ۾ اضافي جي فيصلي تي مايوس ٿيو آهيان. هن چيو ته اهڙي قسم جي فيصلن جو ڪو دفاع نه ٿو ڪري سگهجي، عوام کي بنيادي ضرورتن جي فراهمي تائين فيصلو نامناسب آهي، ملڪ ۾ خوشحالي هجي ته اهڙي قسم جي فيصلن جو ڪو جواز به ٺهي ٿو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close