رانديون

پي ايس ايل ايليمينٽر ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز آمهون سامهون

ڪراچي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي چوٿين ايڊيشن ۾ اڄ هڪ ميچ کيڏي ويندي، اها ميچ ايليمينٽري ون هوندي، جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. رپورٽن مطابق پي ايس ايل فور آخري مرحلن ڏانهن وڌي رهي آهي، ان ئي سلسلي ۾ اڄ خميس تي هڪ ميچ ايليمينٽري ون جي ٽيمن اسلام آباد يونائٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز وچ ۾ کيڏي ويندي. ايليمينٽر ون جي ڪامياب ٽيم جو مقابلو ڪواليفائر ون جي رنر اپ ٽيم سان ٿيندو ۽ ان ميچ جي ڪامياب ٽيم جو مقابلو فائنل ميچ ۾ ڪواليفائر ون جي ڪامياب ٽيم سان ٿيندو. ٽئين ۽ چوٿين نمبر جي ٽيمن وچ ۾ ايليمينٽري ون ميچ اڄ خميس تي کيڏي ويندي جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ ڪراچي ڪنگز جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون، ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ شام 7 وڳي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو، هارائيندڙ ٽيم ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويندي جڏهن ته ڪامياب ٽيم جو مقابلو 15 مارچ تي ايليمينٽر ٽو ڪواليفائر ون ميچ جي رنر اپ ٽيم سان ٿيندو. واضح رهي ته ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ فائنل 17 مارچ تي کيڏيو ويندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close