پاڪستاننڪور خبرون

ڪرتارپور راهداري: ڳالهين جو ٻيو دور ٻه اپريل تي واهگا سرحد لاهور ۾ طئي

لاهور: پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڪرتاپور راهداري رٿا تي ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي طئي ٿي ويو آهي. سرحد پار اٽاري ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ ڳالهيون ٿيون آهن. پرڏيهي آفيس ۾ ڊي جي ڏکڻ ايشيا ۽ ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي، قانون، انصاف ۽ مذهبي معاملن جا عملدار شامل آهن. گذريل ڏينهن ڪرتارپور راهداري ڳالهين

لاءِ پاڪستان جو نائب هاءِ ڪمشنر سيد حيدر شاهه ڀارتي شهر امرتسر پهتو. ڀارتي اختيارين سان ملاقات ۾ ڪرتارپور راهداري سان پاڪستان طرفان ويزا ڇوٽ جي معاملي تي به ڳالهين ٿيون. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرتارپور راهداري منصوبي تي ڳالهين جو ٻيو دور 2 اپريل تي واهگا ۾ ٿيندو. ڀارتي اختيارين سان ڳالهين کانپوءِ واپسي تي پاڪستاني وفد جي سربراهه ڊاڪٽر محمد فيصل صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 2 اپريل تي ڪرتاپور راهداري بابت ٻي ملاقات واهگا سرحد تي ٿيندي. هن چيو ته ڀارتي اختيارين سان هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن پر ڪجهه معاملن تي اڃا به اختلاف آهن، جنهن جا تفصيل نه ٿا ٻڌائي سگهون.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close