
ممبئي بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن ۽ اداڪار رشي ڪپور هر سال جيان هن سال به مسلمانن کي رمضان جي مبارڪ ڏني آهي. بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن رمضان جي آمد تي موقعي تي مسلمانن کي مبارڪ ڏيڻ ڪڏهن به ناهي وساريندو هر جيان هن سال به هن سڀني مسلمانن کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته رمضان جو مطلب محبت، امن ۽ هڪ ٻئي کي سمجهڻ آهي. هوڏانهن اميتاڀ بچن جيان بالي ووڊ اداڪار رشي ڪپور به هر سال مسلمانن کي رمضان جي مبارڪ ڏيندو آهي هن سال به هن مسلمانن کي مبارڪ ڏيندي مسلمانن کي پنهنجو ڀاءُ قرار ڏنو آهي.