پاڪستانسنڌ جون خبروننڪور خبرون

جعلي اڪائونٽس ڪيس: نيب آصف زرداري کي نو مئي تي طلب ڪري ورتو

جعلي اڪائونٽس ڪيس: نيب آصف زرداري کي نو مئي تي طلب ڪري ورتو

قومي احتساب بيورو(نيب) جعلي اڪائونٽس ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ آصف زرداري کي 9 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ هڪ ٻيو ريفرنس تيار ڪيو آهي. جنهن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي پڇاڳاڇا جي لاءِ 9 مئي خميس جي ڏينهن طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آصف زرداري کي هريش اينڊ ڪمپني ڪيس ۾ گهرايو ويو آهي. جنهن جي لاءِ کيس جي آءِ ٽي جي طرفان طلبي جو نوٽيس موڪليو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب جي طرفان الزام هنيو ويو آهي ته هريش اينڊ ڪمپني سنڌ اسپيشل انيشي ايٽو کان واٽر سپلاءِ جو ٺيڪو کنيو هو. پر ان منصوبي تي ڪوبه ڪم نه ٿيو. جڏهن ته ڪمپني جي اڪائونٽ مان نئون ديرو هائوس جا خرچ هلايا پئي ويا. نيب اختيارين موجب هريش اينڊ ڪمپني پارڪ لين ڪمپني جي فرنٽ ڪمپني هئي ۽ هن ڪيس ۾ قومي خزاني کي 60 ملين روپين جو نقصان ٿيو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اڳوڻي سيڪريٽري اسپيشل انيشي ايٽو اعجاز احمد خان ۽ ٻين جي خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ڪيس جي سلسلي ۾ ڪيترائي دفعا نيب جي سامهون پيش ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ٻنهي ڄڻن گرفتاري کان بچڻ لاءِ گڏيل ضمانتون به ڪرائي رکيون آهن.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Close